Few Shikarpuri Sayings شڪارپور جا چند پهاڪا

Few Shikarpuri Sayings شڪارپور جا چند پهاڪا

Here are few Shikarpuri sayings in vogue in Shikarpur city and district as heard from renowned Shikarpuri poet Haq Nawaz Naqsh Nayab Mangi.

Voice of Ethic-Proverbs آواز اخلاق پھاڪا

Voice of Ethic-Proverbs آواز اخلاق پھاڪا

Dewan Kauromal Chandan mal Khilnani (1844-1916) collected and compiled the book of Sindhi Proverbs and Sayings named “The voice of Ethic or Moral” in Sindhi.

ديوان ڪوڙومل جي لکيل ھن ڪتاب جي، گھڻي عرصي کان طلب ۽ تلاش ھئي پر ڇاپي صورت ۾ ملي نه پئي سگھيو. قوي توقع اھا پئي رھي ته شايد ڇاپي ڪتاب ھن وقت دنيا ۾ ناپيد ٿي چڪو آھي. ھاڻي بس ان بابت فقط ڪتابن ۾ تذڪرو پيو ملندو. شابس ھجي سچل ڪاليج نواب شاھ جي ھونھار ليڪچرار جناب محمود ڏاھري صاحب جن کي، جو ڪوڙومل تي ريسرچ جو ڪم ھٿ ھڻڻ سبب، پاڻ سندس ٻين ڪتابن سان گڏ ھيءُ ڪتاب به فوٽو ڪاپيءَ جي صورت ۾ ھٿ ڪيو اٿائون. نيٽ ذريعي ساڻن ڄاڻ سڃاڻ ٿي ھئي. فون تي رابطي بعد ٻڌايائون ۽ ڪتاب جي فوٽو ڪاپي پڻ ڏياري موڪليائون.
ان ڪتاب جي کين فوٽو ڪاپي. علامه داؤدپوٽو لائبرري حيدر آباد مان ھٿ آئي. اھو ڪتاب بنام آوازي اخلاق (پھاڪا) جي نالي سان جريان نمبر ۱۷۴ تي رکيل آھي.
ڪرائون سائيز جي ۴۹ صفحن واري ھن ڪتاب جو سرورق، جنھن ۾ ليکڪ، ڇپائيندڙ اداري، ڇپيندڙ پريس جو نالو ۽ سال ڄاڻايل ھوندو آھي، موجود ناھي. تنھن ھوندي به منڍ مان معلوم ٿئي ٿو ته اھو ڪتاب آوازِ اخلاق آھي ۽ ان جو ليکڪ يا گڏ ڪندڙ ديوان ڪوڙو مل کلناڻي(1844ع– 1916ع) آھي.
بھرحال ھن ڪتاب جي فوٽو ڪاپي مھيا ڪرڻ تي ھيءُ ادارو جناب محمود ڏاھري صاحب جن جو بيحد ٿورائتو آھي.

انجنيئر عبدالوھاب سھتو.