What is Idiomatic Phrase (ورجيس ڇا آھي)

(What is Idiomatic Phrase)

ورجيس ڇا آھي

ٻولي/ زبان، خيالن جي اظهار جو ذريعو آهي. منجهس جيترا لفظ، مفهوم جي لحاظ کان عام / مشهور هوندا، اوتروئي اها سليس هوندي ۽ اوتروئي منجهس سمايل علوم، سمجهڻ ۾ سولا ٿيندا ويندا. بلڪل آسان ۽ ٻاراڻي زبان به پنهنجو وجود برقرار رکي نه سگهندي آهي. ان ڪري هر سڌريل/ سڌرندڙ ٻولي لاءِ لازم آهي ته منجهس، وقت جي تقاضائن / گهرجن آهر نوان، اڻ ٻڌل لفظ جڙندا / ملندا رهن. نون اصطلاحن جي وڌڻ سان، ٻوليءَ ۾ ترقي/ واڌارو ٿئي ٿو. ٻولي شاهوڪار ٿئي ٿي. شاهوڪاريءَ سبب، برقرار به رهي ٿي ۽ سندس ڳالهائيندڙن جي تعداد ۾ واڌ به اچي ٿي.

مٿي بيان ڪيل سموريون خوبيون / صفتون، سنڌي زبان ۾ موجود آهن. منجهس وڌڻ، نون اصطلاحن هضم ڪرڻ يا کين پنهنجو بنائڻ جي به وڏي صلاحيت موجود آهي. انهي واڌاري ۾ روز نوان اصطلاح ۽ ورجيسون جڙي شامل ٿيندا رهن ٿا ۽ ٻوليءَ جو جُز بنجي، کيس سينگاريندا به رهن ٿا.

اهو فقرو، جيڪو مصدر سان گڏ، جملي ۾ ٻي معنيٰ ڏيکاري، تنهن کي اصطلاح چئبو آهي. جهڙوڪ: هٿڙي هڻڻ، ڄنگهه ٻانهن لڳڻ، هٿ پير هڻڻ، کُرڙي لڳڻ، ڄاڙي لڳڻ، اک هڻن، اک ۾ رکڻ، مڇ جو وار هئڻ وغيره.

ٻن يا ٻن کان مٿي لفظن تي مشتمل ٽڪرو/ فقرو، جيڪو غير مڪمل جملو هئڻ سان گڏ، جملي ۾ استعمال ٿيڻ وقت ٻي معنيٰ ڏيکاري، تنهن کي ورجيس چبو آهي. هيئن به چئي سگهجي ٿو، اهو ضرب المثل فقرو (Idiomatic Phrase) جيڪو غير مڪمل جملو هئڻ جي باوجود جملي ۾ استعمال ٿيڻ وقت ٻي معنيٰ ڏيکاري ۽ مصدر کان آجو هجي، تنهن کي ورجيس چئبو آهي. مثال طور: اڻ گهڙيو ڪاٺ، سڪ ٻلو ڪاٺ ۾، چهو تتر گنديءَ ۾، مغز ۾ اٺ، پيٽ ۾ پوليس، پيٽ ۾ ڪوئا، نه گهر جو نه گهاٽ جو، ڍنڍ جو پکي، ڌوٻيءَ جو ڪتو، وغيره وغيره.

ڊائون لوڊ ڪريو

تبصرے بند ہیں.