اترادي پھاڪا ؛ چوڻيون

This document is the compilation of Proverbs of Northern Sindh in general. It includes the Proverbs & Sayings from the following areas:
1. Jacobabad,
2. Kashmore @ Kandhkot,
3. Ghotki @ Mirpur Mathelo
4. Shikarpur and Khairpur
سادا اکر
هن، عجب ۾ وجهندڙ حسين ۽ رنگين، ڪائنات جي جوڙيندڙ ڌڻي تعاليٰ جي ڌرتي چئن طرفن ۾ ورهايل آهي، جن مان هڪ طرف جو نالو ”اُتر“ آهي. اولهه طرف جيان سنڌ ۾ ”اُتر“ کي به مقدس حيثيت حاصل آهي. عام مشاهدو آهي ته سنڌين جي اڪثر آبادي اُتر ڏي پير ڪري، ڪونه سمهي چي؛ ”اُتر طرف ته يارهين واري پيران پير دستگير جو روضو مبارڪ آهي، اوڏانهن پير ڪري ڇو گنهگار ٿيون؟“ جاگرافيائي لحاظ کان سنڌ جي مٿئين يا اترئين ڀاڱي کي ”سرو“ يا ”اُتر“ چيو وڃي ٿو ۽ اُتان جي رهاڪن کي اُترادي ۽ سنڌ جي هيٺئين ڀاڱي کي لاڙ ۽ اتان جي رهندڙن کي لاڙيچو سڏجي ٿو. وٽن اُترادي لفظ جو مفهوم ڪجهه اُگرو آهي. جنهنڪري هيٺين چوڻي مشهور ڪئي اٿائون:
”اُترادي ڍڳو، لاڙ جو ماڻهو“
يا
”لاڙ جو ماڻهو، اُترادي ڍڳو“
مٿين چوڻي مان مطلب اترادي، واتراڌي وارو وٺندا آهن. يعني ”اُتر ۾ ڍڳا ۽ لاڙ ۾ ماڻهو رهندا آهن.“ جڏهن ته اُترادي ساڳي چوڻي جو مطلب پنهنجي مفاد ۾ ڪڍندا آهن؛ لاڙ جي ماڻهن جو عقل اتر جي ڍڳي جهڙو آهي.
سنڌ ۾ اهڙيون چوڻيون ٻيون به کوڙ آهن، جن جو ٻٽو يا متضاد مطلب ۽ مفهو م نڪرندو آهي. هيٺيون چوڻيون مثال آهن:
1. سهتا، ستن نانگن جا کاڌل.
2. ٻگهين جي مٽي کان وياءُ ويٺو ڀلو.
3. ڀٽو ته ضد، نه ته ڪتي واري گوري.
4. ٻرڙي جو ضد، جيئن الف تي مد.
ٻڌڻ شرط، ٻڌندڙ ڌر برهم ٿيو وڃي ۽ جڏهن ٻي معنيٰ تي ويچار ڪندي آهي ته کل به نڪري ويندي اٿس يا نرم ٿي پوندي آهي. اهو ڳالهائيندڙ جي سوچ تي مدار ٿو رکي ته هو ڪاڏي ٿو لاهڻي لاهي ۽ وري ٻڌندڙ جي موڊ تي پڻ منحصر آهي ته مفهوم کي ڪاڏي ٿو ڇڪي!
مزڪوره چوڻي مان لاڙ جا ماڻهو اها مُراد وٺندا آهن؛ ”اترادين جي مقابلي ۾ پاڻ سڌا سنوان ۽ سادڙا آهن . بلڪل ائين جيئن اردو ۾ چئجي ته ”الله ميان جي گانءِ آهن!“
جڏهن ته پاڻ به چالاڪي ۾ گهٽ ڪونهن. عقل ۽ چالاڪي ۾ اُترادين جو به ”اُتر“ لهن .
اُتر کي ته سنڌ جي سدا حيات ۽ دنيا جي عظيم شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي به ڏاڍي دلربائي سان پنهنجي ڪلام ۾ ڳايو آهي. مثال طور:
”سر نسريا پاند، اُتر لڳا آءُ پرين!“
سنڌي ٻولي ۾ لفظ ”اتر“ ٻٽي معنيٰ رکي ٿو. هڪ؛ ڪنهن سودي، معاهدي ۽ ٺاهه ۾ واڌارو ورتل شيءِ يا منافعي کي اُتر چئجي ٿو. جڏهن ته ٻي معنيٰ؛ طرف جو نالو اٿس. سنڌي ۾ چوندا آهن:
”هو سودو نه سلن ۽ اسان اُتر گهرئون.“
”هو سودو نه سلي ۽ هيءُ اُٽل گهري.“
”اُتراڻ اُتريو، اڌ سيارو ڪُتريو.“
اتراڻ؛ اتر کان لڳندڙ هوائون ۽ اتريو معنيٰ لٿو يا لاٿ آيس. جيئن چوندا آهيون؛ ”فلاڻي جي اتري آهي، تڏهن ٿو ٻين سان کينس ڪندو وتي.“ وغيره.
بھرحآل سنڌ ۾ اتر ۽ اُٽل، ساڳي معنيٰ ۽ مفهوم ۾ استعمال ٿين ٿا. سنڌ جي رنگين ڪلام شاعر ”اُستاد“ بخاريءَ لفظ ”اُتر“ (اُٽل) کي پنهنجي شاعري ۾ هيٺين طرح استعمال ڪيو آهي.
”جو ورتم سو واپس ڪيم، هاڻي ته لڙ لٿوم،
اُتر ۾ رهندو ٻه آهون ڏيو ٿا وڃان“
مٿئين بند ۾ شاعر جو خيال آهي، جا زندگي مون کي ڏني وئي سا ته موت مون کان واپس به وٺي ڇڏي پر هن دنيا ۾ ڏکن ۽ غمن کان مجبور ٿي جيڪي ٿڌا سُوساٽ ، آهون ۽ دانهون ڪيم سي دنيا کي ”اُتر“ ۾ ڏيون ٿو وڃان.
گڏيل هندوستان جي ورهاڱي کان پوءِ، جڏهن ڀارت بهانو بڻائي مشهور مسلم رياست جهوناڳڙهه کي هڙپ ڪيو، تڏهن اتان جن سنڌي مسلمانن ڀاڄ کاڌي ۽ پاڪستان جي صوبي سنڌ ڏانهن موٽ ڪئي، تن ۾ مشهور مزاحيه فلمي اداڪار نور محمد چارلي به هو. چارلي پاڻ سميت ٽن ماڻهن لاءِ هوائي جهاز جون ست (۷) ٽڪيٽون ورتيون هيون. هوائي اڏي تي هڪ واقفڪار کانئس پڇيو؛ ”چارلي! توهان ڀاتي ڪل ٽي ۽ ٽڪيٽون ست؟“
”متان انڊيا وارا هڪ ٽڪيٽ تي في ماڻهو نه ڇڏين، ان ڪري هر ڀاتي لاءِ ٻه ٽڪيٽون ورتيون اٿم!“ جواب ۾ چيائين.
تنهن تي پڇندڙ کلي پڇيس؛ ”پوءِ ڀلا هڪ ٽڪيٽ واڌارو ڇو؟“ ٻڌايائينس؛ ”انڊيا وارا سلامت عضون سميت روانو ڪن ٿا، ان ڪري ”اُتر“ ۾ هڪ ٽڪيٽ ڏيون ٿو وڃان.“ ٿڏي تي ئي هڪ ڪتيانه آفيسر پڇيس؛ ”هاڻ ته پاڪستان جي شوق ۾ ڪراچي وڃين ٿو . اُتان ڪرون ٿيندين؟“
موٽ ۾ کلي، پئسن جو ٻٽون ڏيکاريندي، چيائينس؛ ”هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو! ناڻو ساڻ آھي، ان سان هر جاءِ تي پنهنجي مرضي پٽاندر رهي سگهندم.“
ورهاڱي کان اڳ ۾ رياست گجرات، احمد آباد بڙوده ۽ سڄي راجسٿان صوبي جي هر ماڻهو جي زبان تي لاڙڪاڻي واري چوڻي (پهاڪو) هوندي هئي. جيڪي هو مهل ۽ موقعي جي مناسبت سان استعمال ڪندا هئا. پاڪستان جي مختلف گورنر جنرل / صدر صاحبان جو مسلسل ۱۶ سال پي اي رهندڙ اي بي خالد به اردو ۾ لکيل پنهنجي ڪتاب ”ايوان صدر ۾ ۱۶ سال“ ۾ پاڪستان جي ٽئين گورنر جنرل غلام محمد جي دور جون ڳالهيون لکندي لاڙڪاڻي جي هن پهاڪي جو ذڪر ڪيو آهي. احمد آباد گجرات انڊيا مان لڏي آيل هڪ سياستدان ۽ پوءِ پاڪستان جو وزير اعظم رهندڙ آءِ آءِ چندريگر لاڙڪاڻي بابت هي پهاڪو مرڪزي اسيمبلي جي سنڌي ميمبرن سان گفتگو ڪرڻ دوران رواني سان چوندو هو.
پر لاڙڪاڻوي اهو ڪٿي چئي سگهندا ته لاڙڪاڻي بابت اها چوڻي، جنهن آخر ۾ پهاڪي جي صورت اختيار ڪئي، سا ڪنهن لاڙڪاڻوي ئي جوڙي هوندي؟ سنڌ جو مايه ناز اديب، ڪاڪو ڀيرومل پنهنجي شاهڪار ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾ لاڙڪاڻي بابت هن مشهور پهاڪي لاءِ لکي ٿو: ”گهاڙ واهه جي کوٽائي کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾چهچٽو پيدا ٿيو ته مٿيون پهاڪو جُڙيو.“
سوال آهي ته جوڙيو ڪنهن؟ جنهن به جوڙيو، ٿي سگهي ٿو ته ان کي چهچٽي کان سواءِ ڪجهه ”ٻيو“ به نظر آيو هجي! جيئن هر پهاڪي بابت پڪ سان ته نه ٿو چئي سگهجي ته ڪنهن جو جوڙيل آهي؟ اهڙي طرح هي پهاڪو به پنهنجي جوڙيندڙ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائڻ کان معذور، چُپ ۽ خاموش آهي. بھرحال هن پهاڪي جي پس-منظر ۾ هڪ منفي پهلو به لڪل آهي، ان ڪري ايترو ضرور چئي سگهبو ته هي پهاڪو ڪنھن لاڙڪاڻوي جو ٺهيل نه آهي. البته ايترو ضرور چئبو ته ان لاڙڪاڻي جو اوج، چهچٽو ۽ دٻدٻو اکين سان ڏسڻ يا ”ڪو“ مشاهدو ماڻڻ کان پوءِ ائين چيو هوندو.
ائين ته اردو مشاعرن ۽ ادبي ميدان جي هڪ وڏي ملهه / شاعر حبيب جالب جي هڪ شعري سٽ ضرب المثل واري حيثيت اختيار ڪري چڪي آهي، جنهن ۾ لاڙڪاڻوين بابت وڏي ٽوڪ، ٺٺول، چٿر ۽ طنز ٿيل آهي؛
”لاڙڪاني چلو، ور نه ٿاني چلو“
هن حالت ۾ ڇا اهو مڃجي ته ھي شعري سٽ، هڪ غير لاڙڪاڻوي حبيب ”جالب“ نه پر ڪنهن لاڙڪاڻوي جوڙي ۽ ٺاهي آهي؟
سنڌ ۾ جيڪي پهاڪا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا تن منجهان ڪن پهاڪن جو تعلق سنڌ جي مخصوص شهرن ۽ ذاتين سان آهي. اهڙو هڪ مثال لاڙڪاڻي جو ۽ ٻيو مشهور ثقافتي شهر شڪارپور جو آهي.
”شڪارپوري، نيت بُري،
ڏيکارين جوئر، ڏين ٻُري.“
يا
”شڪارپوري، نيت بُري،
هٿ ۾ قرآن، ڪڇ ۾ ڇُري.“
ڪن جو چوڻ آهي ته جڏهن، مياڻي واري جنگ دوران، ۱۸۴۳ع ۾، خيرپور جو فوجي لشڪر، سنڌ جي لشڪر ۾ ڦوٽ وجهي، انگرزن جا ڀَوَ ڏئي، پوئين پير ڀڳو هئو ته سندن لاءِ ائين مشهور ڪيو ويو هيو؛ ”خير پوري، نيت بُري، هٿ ۾ قرآن، ڪڇ ۾ ڇُري.“
هتي به هڪ سوال ذهن ۾ اڀري ٿو ته شڪارپورين بابت اهي چوڻيون ڪنهن ٺاهيون؟ ظاهر آهي ته ههڙيون منفي انداز وارون چوڻيون شڪارپورين پنهنجي پاڻ لاءِ ته ڪونه ٺاهيون/ چيون هونديون؟ هن دنيا ۾ ڪهڙو شريف ماڻو آهي، جنهن کي پنهجي عزت جي پرواهه نه هجي؟ عزت نفس رکڻ وارو ته ڪنهن به حالت ۾ اهو ڪونه چاهيندو ته سندس عزت نفس ڪنهن به قدم تي مجروح ٿئي. ڪير آهي جيڪو پنهنجي کاڌي ۾ پيل وهه ڳڙي بابت بي فڪر ٿو رهي؟
سنڌ ۾ آباد آريجا ذات بابت هڪ پهاڪو عام جام ٻڌڻ ۾ اچي ٿو:
”لاهي لنگها ويھ، آريجن مان آسرو،
پني سارو ڏيهه، اچي کاءُ آريجن ۾.“
پڙهندڙ اندازو ڪري سگهن ٿا ته بظاهر آريجا ذات ۽ ڳوٺ وارن کي هن پهاڪي ۾ ڪنجوس ڪري پيش ڪيو ويو آهي. بلڪل ائين جيئن ٻگهين لاءِ چوندا آهن؛ ”ٻگهين جي مٽي کان، وياءُ ويٺو ڀلو آهي.“ جڏهن ته ٻِئي مفهوم ۾ ٻگهيا، پردي جا سخت پابند آهن. جن سان سڱُ ڳنڍيندا آهن، تن کي به گهر اچڻ نه ڏيندا آهن ۽ آريجا شريعت جا پابندا آهن، لنگهن ۽ چغلخورن کي ڪونه سهندا آهن ۽ سندن ڪرت يا ڌنڌي کان بيزار آهن. يا ايڏا الله لوڪ آهن جو دهل جو آواز به ڪنن سان ٻڌڻ گناهه سمجهندا آهن.
ساڳي طرح ضلعي لاڙڪاڻي (هاڻي قنبر- شهداد ڪوٽ) جي هڪ قديم ڳوٺ گهٽهڙ بابت پڻ هڪ ٽوڪ ڀريل چوڻي مشهور آهي؛
”ثمر نه هجئي ساڻ ته گهڙي پئه گهٽهڙ ۾“
اها ٻٽي معنيٰ رکندڙ چوڻي ڪنهن گهٽهڙ واري ته ڪين جوڙي هوندي؟ يا لاڙ ۾ مشهور چوڻيون:
1. ثمر نه هجئي ساڻ، گهڙي پئو منجهه گهٽاڻ.
2. ثمر هجئي ساڻ، ڀڄ ڀاڏائن کان.
3. ثمر نه هجئي ساڻ، ڀر وٺ ڀاڏاين جي.
گذريل ويهين صدي جي ستر واري ڏهاڪي جي وچ ڌاري دادو ۾ هڪ رات پير علي محمد راشدي وٽ ڪچهري ڪرڻ لاءِ سندس اوطاق تي ويس. اُتي سنڌ جو مشهور محقق ۽ آثارِ قديمه جو ماهر ۽ شاعر مرحوم سائين تاج صحرائي ۽ دادو جو هڪ سياسي ڪارڪن نيو چوڪ دادو تي مٺائي جي دڪان وارو شوڪت سنڌي به ويٺل هئا. ڳالهين ڳالهين ۾ پير پير علي محمد راشدي ٻڌايو:
ورهاڱي کان اڳ ۾ گهٽهڙ جي ٻن معزز رهواسين، هڪ پير الله ڏنوشاهه راشدي ۽ ٻيو قربان علي ٻرڙي گهٽهر جهڙي ڳوٺ ۾ مسلم ليگ جون ٻه الڳ الڳ شاخون کوليون ته سيٺ عبدالله هارون اهڙي شڪايت سنڌ مسلم ليگ جي صدر سائين جي ايم سيد سان ڪئي. سائين جي ايم سيد ٻنهي سان ڳالهايو. ڳالهين مان معلوم ٿيس ته ٻنهي جي وچ ۾ اجائي رسا ڪشي هئي. سائين جي ايم سيد ٽوڪيندي چين، ”حق تي گهٽهڙ لاءِ چوندا آهن، ثمر نه هجئي ساڻ ته گهڙي پئه گهٽهڙ ۾!“
هڪ سوال هي به آهي ته سنڌ ۾ ٻولي سنڌي آهي يا ڪا ٻي ”ٻولي“ به آهي. اتر سنڌ يا لاڙ ويندي بلوچسان جي ضلعي سبي تائين، هندوستان جي صوبي گجرات، ڪڇ، ڀُڄ ۽ انڊين صوبي راجسٿان جا هڙئي شهر هجن يا ڳوٺ، اُتي سنڌي ڳالهائي ۽ سمجهي وڃي ٿي پر ان ۾ اُتر، لاڙ، سري، وچولي ۽ بلوچي يا سرائيڪي جو ڪوبه فرق ناهي. فقط ڪجهه شين جا نالا يا وڌ ۾ وڌ لهجا ٿورا گهڻا مٽيل آهن. عجب ۾ وجهندڙ ۽ ”صاحب ڪتاب“ ٿيڻ جي ”جنون“ ۾ رڌل اديبن، مختلف لهجن ۽ لفظن جي آڌار تي سنڌي ٻولي کي ”ڌاري ٻولي“ ۽ ”ٻي ٻولي“ قرار ڏئي ڇڏيو ۽ الائي ڪهڙي تڪبند ماڻهو جي هڪ سٽ کي بنياد بڻايو اٿائون ته ”ٻارهين ڪوهين، ٻولي ٻي.“ جيڪڏهن اهڙن اديبن جي لکڻين تي اعتبار ڪريون ۽ ويساهه رکئون ته پوءِ اُترادي ماڻهو کي لاڙ ۽ ٿر جي رهواسين سان ڳالهائڻ لاءِ يقيناّ ڪنهن ترجمان جي ضرورت پوندي. ڇاڪاڻ ته بقول سندن ”ٻارهين ڪوهين، ٻولي ٻي.“ ها البته ڪجهه شين جا نالا تبديل ٿين ٿا. ائين رڳو سنڌي زبان ۾ ڪونهي پر اردو ٻولي ۾ به ٿئي ٿو.
مثال (۱) اردو ٻولي ۾ سڄي يو پي، سي پي ۽ بِهارِي کير جي مٿان ڄميل ٿَرُ کي بالائي چون پر دهلي ۽ رياست حيدرآباد دکن وارا چون؛ ملائي.
مثال (۲) سڄي پنجاب ۽ صوبي بِهارَ وارا چون؛ ”گول گپا“ پر يو پي خاص طور تي لکنئو، ميرٺ ۽ هاپڙ (باباءِ اردو مولوي عبدالحق جو ڳوٺ) وارا ۽ بريلي وارا چون؛ ”پاني ڪي بتاشي“.
مثال (۳) ڏهي جي پيڙن کي سڄي پاڪستان ۾ ”دهي بڙي“ ڪري لکن ۽ ڪوٺين ٿا پر دهلي ۽ لکنئو وارا چون؛ ”دهي ڀلي“.
مثال (۴) عام طور پنجن جي انگ کي اردو وارا ”پانچ“ چوندا آهن پر لکنئو ۽ سڄي يو پي ۾ ”پانچ“ جي بجاءِ ”پان“ چون ٿا. اردو زبان جا وڏا اديب ۽ شاعر جهڙوڪ پنڊت آنند نارائڻ ”ملا“، شاعر انقلاب حضرت جوش مليح آبادي، پروفيسر مالڪ رام ۽ گيانچند پنهنجي لکڻين ۾ ”پانچ“ بجاءِ پان (۵) استعمال ڪيو آهي. ثبوت لاءِ گيانچند جو ڪتاب ”شخصيات و مشاهدات“ (پاڪستان ايڊيشن) ۽ جوش مليح آبادي جي آتم ڪٿا ”يادون ڪي بارات“ ۽ خليق انجم جو ڪتاب ”جو ڪي خطوط“ ڏسي ۽ پڙهي سگهجن ٿا.
مثال (۵) اردو ٻولي جو مشهور محاورو آهي ”بي پرڪي اُڙانا“ پر صوبي بِهارَ ۾ ان کي ”ڀانجا“ چون ۽ رانچي وارا چون؛ ”جهاڙِ دينا“. پر ممبئي وارا چون؛ ”ڦينڪنا“. مقصد آهي ته ان سان اردو ٻولي جي اصل شڪل / هيئت ته تبديل نه ٿي ٿئي ۽ نه ڪو اردو وارا اسان جي اديبن وانگر لکندا آهن ته ”دهلي ڪي اردو“، ”بهارڪي اردو“، ”لکنوي اردو“. اهڙي طرح اسان جي سنڌي ٻولي ۾ به فقط ڪن شين جا نالا تبديل ٿيل آهن. مثال طور:
مثال (۱) اُترادي ميوي جي هڪ قسم کي هنداڻون چون پر ساهتي ۽ حيدرآباد طرف ڇانهون ۽ ٿر ۾ ”ڪارينگ” چون.
مثال (۲) اُترادي ماني رکڻ واري شيءِ کي پنڊي چون پر ٿر ۽ ساهتي وارا ”دٻڪي“ چون.
مثال (۳) لاڙڪاڻوي کٽاڻ چون پر شڪارپوري، ٿر واسي ۽ سبيءَ وارا ”آچار“ چون.
مثال (۴) اُترادي ”کنڊ“ چون پر سبي وارا ”ٻُورو“ ۽ ٿر وارا چون ”کنڏ“.
مٿال (۵) سڄي سنڌ ۾ چون ”هل“ يا ”هلئون“ پر سبي ۽ سرائيڪي وارا چون؛ ”ڄُل“ يا ”ڄلئون“.
چوڻ ۽ لکڻ جو مقصد اھو آهي ته فقط چند لفظن جي مٽا سان، سموري سنڌي ٻولي بدلجي نه ٿي وڃي يا پنهنجو رنگ، روپ ۽ مفهوم مٽائي نه ٿي ڇڏي. ان حوالي سان جيڪڏهن سائنسي سوچ رکندڙ اديبن ۽ سندن تواريخن کي پڙهئون ۽ ادبي حوالن سان بين الاقوامي طور تي مفڪرن جي اها مڃيل را ته هر سئو (۱۰۰) ڪلوميٽرن کان پوءِ ٻولي جا لب و لهجا تبديل ضرور ٿيندا آهن پر ان جو مقصد اهو هرگز ناھي ته شيون پنهنجي شڪل کي تبديل ڪنديون آهن. لفظن جي مٽا يا تبديلي ۽ لهجن جي تبديلي جو هڪ اڌ مثال ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو.
سنڌ جي مشهور راڳي ماسٽر چندر جو ڳاٺائي يعني ٺارو شاهه جو رهواسي ۽ سنڌ جو مشهور اديب گوبند مالهي اُتر سنڌ جي پهرئين ڪاليج، سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور ۾ داخلا ورتي ته ڪاليج ڪيمپس ۾ جڙيل هاسٽل ۾ رهڻ لڳو. جتي دوستن کيس مجبور ڪري ميس مئنيجر بڻايو. سندس رانڌي (بورچي) جو نالو شامون ھو ۽ روم- پارٽنر لاڙڪاڻي واسي بالچنداڻي هو. هاسٽل ۾ رهڻ دوران گوبند مالهي کي ڪجهه اُترادي لفظ سمجهه ۾ نه پئي آيا. اهڙو اظهار هن پنهنجي آٿم ڪٿا ”سنڌڙي، منهنجي جندڙي“ (سنڌي ساهت گهر، ناز سانئي طرفان ڇپايل ۲۰۰۴ع) جي صفحي ۸۸ تي شڪارپوري لفظن بابت ڪيو آهي. گوبند مالهي لکي ٿو، شڪارپوري ٻولي جي لفظن منڍ ۾ مون کي ڪيئن پريشان ڪيو تنهن جا ٻه مثال ڏيان ٿو“.
مثال (۱) هڪ ڏيبنهن شام جو رانڌي (بڳرچيءَ) اچي پڇيو؛ ”ديوان! سُڀان (صبحاڻي) نيرن تي حلوو پوري ٺاهيان؟“
مون چيو مانس: ”دماغ جاءِ تي اٿئي؟ ڪُجا حلوو ڪُجا پُوري؟“
بالچنداڻي هئو ته لاڙڪاڻائي پر شڪارپور ۾ ڪافي وقت رهي چڪو هو. چيائين؛ ”حلوو معنيٰ سيرو“. هن ٽهڪ ڏئي چيو ته ”سيرو پوري ته هلي نه؟“ مون به کلي چيو ته ”هلي ئي ڇو، اھو ميلاپ ته ڊوڙي“.
مثال (۲) هڪ آرتوار (آچر) تي ورانڊي ۾ ويٺو هوس ته ساڳيو رانڌو شامون آيو. ايندي ئي چيائين؛ ”ديوان ڌائيندا ڪي کائيندا؟“ مان شرم ۾ پاڻي ٿي ويس ته جيڪب آبادي سڌوا چيو: ” جنهن ڌانئڻ جو سوچيندي تون شرمائين ٿو تنهن ڌانئڻ جي ڇا هي وهي آهي تنهنجي؟“ اهڙن لفظن لاءِ انڊس گلاس فيڪٽري حيدرآباد جو مالڪ ۽ پوني انڊيا جو سيٺ ۽ مشهور ليکڪ سرڳواسي لوڪرام ڏوڏيجا پنهجي ڪتاب ”منهنجو وطن منهنجا ماڻهو“ جيڪو ڪوڪ ڪلياڻ ٽرسٽ پوني مان ۱۹۸۲ع ۾ شايع ٿيو ۾ لکي ٿو:
”هزارن ورهين کان سنڌ ۾ جيڪي حملا آوار قومون جهڙوڪ چيني، ترڪستاني، يوناني، هوڻ، شڪ، ايراني، افغاني، پٺاڻ، پورچوگيز ۽ انگريز وغيره آيا سي سنڌي ٻولي ۾ پنهنجون نشانيون ۽ يادگار ڇڏي ويا. خاص ڪري اهي لفظ جيڪي شڪارپور ۽ اُتر سنڌ ۾ گهڻا هلندا هئا پر لاڙ وارا مشڪل سان سمجهندا هئا. جيئن:
ڌاوڻ معنيٰ وهنجڻ
جند : خود
کرانڊو : رڌڻو
ڪوٺو : کُڏُ، ڇت
مُنجڻ : موڪلڻ
پيشين : يهپري کان پوءِ وارو وقت، ٽيپهري ڌاران ( شام جو قت)
ٻٽالون : پٽاٽا
۽ مان (لوڪرام ڏوڏيجا) شڪارپوري هوندي به شڪارپوري لفظن جو ٿاهُه پائي نه سهگيو آهيان.
مون کي ياد ٿو اچي ته اسٽوڊنٽ لائيف دوران ئي پنهنجي ڪلاس-ميٽ عبدالغفار سومرو (پوءِ ڪمشنر حيدرآباد ۽ هاڻي ڊاڪٽر، اديب ۽ اسڪالر) سان گڏجي برصفير جي نامور اداڪاره ۽ ڳائڻي، ملڪه ترنم نورجهان سان به لاهور ۾ مليو هيم. هڪ دفعي ميهڙ جي هڪ رازدان ۽ ننڍپڻ جي همخيال دوست محمد نواز چنڊ (هاڻي ڊاڪٽر ۽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ ڊين آف اسٽوڊنٽس افيئرس آهي) ۽ نازڪ ۽ نفيس قسم جي انسان ۽ سندس ڀيڻيويي غلام سرور چانڊيو سان گڏجي ميهڙ شهر ۾ غلام قادر شيخ سان ملڻ ويس. سنڌي زبان ۾ ٺهيل ميوزيڪل فلم پرديسي جن به ڏٺي هوندي تن کي ان فلم جو ”سنهڙو“ نالي ڪردار ياد هوندو، جيڪو غلام قادر شيخ ميهڙ واري ادا ڪيو هو (حالانڪه غلام قادر شيخ گهڻو جسيم لحيم ۽ شحيم هئو) ڏسڻ وارن کان اھو ڪردار ڪٿي وسريو هوندو؟ پرديسي فلم مٽيارين واري مشهور فلمي اداڪار سيد حسين علي شاهه فاضلاڻي ٺاهي هئي جنهن ۾ مصطفيٰ قريشي پهريون دفعو ڪم ڪيو هو ۽ کيس انور نالي ڪردار مليل هو. غلام قادر شيخ پنهنجي ميڊيڪل اسٽور تي ويٺو هو. منهنجي دوستن منهنجو ساڻس تعارف ڪريو ته ڏاڍي قربائتي نموني ۾ مليو ۽ ڪچهري دوران ٻڌايائين ته منهنجي ڳالهائڻ تي سيد حسين علي شاهه فاضلاڻي ڏاڍو کلندو هو. ڇاڪاڻ ته منهنجي ڳالهائڻ واري لهجي تي لاڙڪاڻي يعني اُترادي لهجي جو اثر هو. فاضلاڻي صاحب منهنجو ”ش“ ۽ ”ق“ به درست ڪندو هو. آ هيس نئون اداڪار، ان ڪري ڪئميرا آڏو بيهڻ سان ئي ياد ڪيل ڊائيلاگ مون کان وسري ويندا هئا ته فاضلاڻي صاحب خفا ٿي چوندو هو: ”اڙي! هنيان تي …. اٿئي ڇا؟“
حالانڪ اهو جملو اُتر سنڌ ۾ گهڻو مروج آهي. جڏهن به ڪنهن کي ويسر ۾ ڏسندا آهن ته هڪدم مٿيون جملو چئي ڏيندا آهن. اُترادي ٻولي لاءِ ته ڪاڪي ڀرومل جهڙي عالم به پنهنجي مشهور ڪتاب ”سنڌي ٻولي جي ادبي تاريخ“ ۾ سنڌ جي مختلف لهجن ۾ ڀيٽ ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪندي واکاڻ ڪئي آهي. مشرقي ٻولين جو ماهر سر رچرڊ برٽن به سنڌي ٻولي بابت پنهنجي راءِ ڏيندي چوي ٿو:
”سنڌي ٻولي ۽ ادب بابت ايترو يقين سان چوڻ چاهيان ٿو ته سڄي هندوستان جي ڪنهن به ٻي ٻولي ۾ ايترو علم ۽ ادب موجود ناهي جيترو سنڌي ٻولي ۾ آهي.“
مشهور انگريز ليکڪ ۽ نقاد آءِ اي رچرڊ جيان مان به پهاڪي کي ذهني واقعو سڏيان ۽ سمجهان ٿو.
يعني پھاڪو لفظن جو اهو عقلي مجموعو ٿئي ٿو جيڪو خيالن جي دانائي کي متحد ڪري هڪ سٽ يا جملي ۾ قيد ڪري ان کي حياتِ جاودان عطا ڪري ٿو ۽ انهي جي هر هنڌ ”هاڪ“ ٻڌجي ٿي. پهاڪا سماج ۽ ادب جا مغزيات آهن. ڇاڪاڻ ته پهاڪن ۾ هي ڳالهه به سمايل ٿئي ٿي ته اهي نه رڳو انساني زندگي جي ذاتي مسئلن ۽ محبت ڀري دنيا، پر ادب ۽ شاعري کي به سونهن بخشي ائين جرڪائي ڇڏين ٿا جيئن اُس جي تپش ڪنهن نوخيز سهڻي دوشيزه يا ڪنهن خوبصورت عورت جي تکن مُهانڊن واري نقش نگارن کي جرڪائي ٻهه ٻهه ٻاري ڇڏيندي آهي.
حيرت ۽ اچرج جهڙي ڳالهه هي آهي ته سنڌي ٻولي جي چند اديبن پهاڪن جي معني لکي آهي؛ اُهي الفاظ ۽ جملا جيڪي ”پهه“ ڪري چيا ويا هجن، ان ڪري لفظ ٺهيو ”پهاڪو“. آ اهڙن اديبن جي خيالن ۽ لکيل ڳالهين کي (Puraile) سمجهان ٿو. ان ڪري مان سمجهان ٿو ته هنن سان ڪو به متفق ڪونه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته پهه ڪرڻ معني ارادو ڪرڻ يا خيال کي سوچي سمجهي مضبوط ڪرڻ. جڏهن ته پهاڪن بابت سٺي ڄاڻ رکندڙ عالم ۽ اديب به چون ٿا ته پھاڪي ۾ ڪنهن به ارادي جو عمل دخل ناهي ۽ اهي سونهري الفاظ آهن جيڪي اُمالڪ يا بنا ارادي جي چيا ويا آهن. سنڌ جي ساهتي واري ڀاڱي سان تعلق رکندڙ هڪ اديب چوي ٿو ته پهاڪو معنيٰ؛ ”ڊونگل“. سنڌي ۾ ڊونگل ته چٿر ۽ ٽوڪ کي چئبو آهي. ڇا اسين اهو مڃئون ته پهاڪو به ٽوڪ ۽ چٿر آهي؟!!!!!
پهاڪا ته ٻوليءَ ۽ سماج جو ادبي ۽ ثقافتي املهه خزانو ۽ سرمايو ٿين ٿا ۽ آهن. زبان ۽ ٻولي جي هن سرمايي کي ڪنهن به سطح تي سماجي سرمايي کان الڳ نه ٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته براه راست علمي ۽ سماجي اثرن کان ادب جي عليحدگي ممڪن ئي ڪونهي ۽ سنڌي ۾ پهاڪن کي اها حيثيت حاصل آهي جيڪا برطانيه جي تاريخ ۾ ميگنا ڪارٽا (Magna Carta) (اڻ لکيل آئين) کي آهي.
سنڌي ٻولي جي درسي ڪتابن منجهان پهاڪا ختم ڪري سنڌي ٻولي سان دشمني ڪئي وئي آهي. نتيجي ۾ نئون نسل ههڙي املهه خزاني کان محروم رهجي ويو آهي ۽ ڄڻ ته واقف ئي ڪونهي. ڌاريون ٻوليون، ڪئبل ڪلچر ۽ ڪئيسٽي شاعري جي ذريعي سنڌ جي نئين نسل جي ٻولي جو اصل ”روح“ مجروح ٿيندو پيو نظر اچي.
گهڻا سال اڳ، محترم فضل احمد بچاڻي پاڻ ۽ پنهنجي خاندان بابت يادگيرين (Biographics) تي مشتمل ڪتاب ”اڳي ائين هياس“ (جيڪو ۱۹۸۴ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدر آباد طرفان شايع ٿيو) ۾ هڪ هنڌ لکيو آهيو؛ ”حقيقت هيس آهي ته شهر برابر سنڌ ۾ آهن پر سنڌ شهرن ۾ ڪانهي، بنيادي سنڌائتي پڪي پختي ٻولي سڀيتا جا سڀ مظهر ۽ اهڃاڻ ۽ سماج جا بنياد ٻهراڙين ۾ آهن…. اهو به ڏسئون پيا ته اسان جي نج بنيادي ٻولي جو ذخيرو وري به انهن ٻاهراڙي وارن اٻوجهن وٽ اسان کان وڌيڪ محفوظ آهي. انهن سگهڙن وٽ وڌيڪ هٿيڪو به آهي ۽ مستعمل به.“
هونئن به چوندا آهن؛ ”ٻهراڙي جي گفتار، ساهت جو سينگار.“ بچاڻي صاحب وڌيڪ لکي ٿو؛ ”اسان جو هڪڙو عزيز انگلستان مان بئريسٽري پاس ڪري آيو ته اٻوجهه، منجهانئس اڙجي ويا (ڄٽ پڙهيو، جڳ اڙيو. راقم الحروف) اڻ پڙهيلن سان به ويٺو انگريزي ۾ گِٽِ مِٽِ ڪري. سُٿڻ پٽڪي واري کي هٿ ملائيندي پئي بڇان اچيس. سمجهو آسمان مان لٿو آهي. هڪڙي ڏينهن ڀري ڪچهري ۾ هڪڙي اشراف سادات اچي گهٽيس ته؛ ”باليسٽر صاحب اول ته جيڪو علم ايڏو هٺ وڏائي سيکاري سو علم ئي ڪونهي. پر خير تون اسان ڄٽن جي هڪڙي ٻن اکرن جي معنيٰ ٻڌاءِ جيڪي تنهنجا ابا ڏاڏا اڃا به ڳالهائن ٿا، تڏهن چئون ته علم پرايو اٿئي.“ اهي اکر هئا؛ ”گڏون“، ”ڪاشڪ“، ”سلَهڙ“، ”سهانجو“ ۽ ”اوبڻ“ ۽ ڪي ٻيا. هي بئريسٽر صاحب هڪڙي جي به معنيٰ نه ٻڌائي سگهيو. چي؛ اھي اکر هاڻي ”متروڪ“ ٿي ويا آهن ته انهي لفظ متروڪ جي معنيٰ وري هنن ”ڄٽن“ ڪانه سمجهي. جڏهن سمجهايوسون ته لڳا ڪنن تي هٿ ڏيڻ ته ”سائين توبهن توبهن! امڙ جن اکرن ۾ لولي ڏني سي ڪڏهن متروڪه به ٿيا ؟!!““
مشهور جرمن ڏاهو Luding Wittenstein پنهنجي ڪتاب A Brief History of Literary Theory (Vol:IV) پهاڪن، چوڻين ۽ محاورن کي لفظن جي مصوري Pictorial Theory ۽ لفظن جي راند Language Game جو اضافو ڪندي، پهاڪن کي “لساني سائنس” جو درجو ڏئي ٿو.
نئين دور جون نيون تقضائون آهن. ان ڪري ڪي نوان پهاڪا ۽ چوڻيون، ورجيسيون ۽ اصطلاح به پاڻ-هرتو وجود ۾ اچي ويا آهن، اهي ڪڏهن به ۽ ڪنهن به حالت ۾ پراڻن پهاڪن سان بَرُ ميچي نه ٿا سگهن. ڇاڪاڻ ته نئون دور ۽ ماڻهن جي سوچ به اهڙي آهي. ”جهڙا روح، تهڙا ختما“. ان حوالي سان به اردو ۽ سنڌي ٻولين ۾ نون پهاڪن ۽ اصطلاحن جا ٻه ٽي مثال ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو.
مثال (۱) انگريزي ٻولي جي لفظ “Danger” جي لغوي معنيٰ خطرو آهي پر صوبي بهار ۽ نئين صوبي ”جهاڙ کنڊ“ جي گادي واري مشهور شھر ”رانچي“ ۾ آٽو رڪشا ڊرائيورن وٽ ”ڊينجر“ معنيٰ خطرو نه بلڪ سٺو آهي. جيڪڏهن ڪا فلم کين وڻي وئي ته چوندا ڏاڍي ”ڊينجر “ فلم هئي. ڀلي اُها فلم ميوزيڪل ۽ گهريلو قسم جي ڇو نه هجي.
مثال (۲) اسان سنڌين وٽ مذهبي، اخلاقي توڙي سماجي لحاظ کان لفظ ”سوئر“ ڪيڏو نه قبيح، ڪراهت جوڳو ۽ نفرت ڀريو آهي. بلڪ گار ڏيڻ برابر آهي پر اڄڪلهه جيڪڏهن ڪو ڊرائيور يا ڪو مستري پنهنجي فن ۽ ڪرت ۾ ماهر ۽ هوشيار آهي ته ان لاءِ پهاڪي / محاوري طور چوندا؛ ”فلاڻو! ”سوئر“ ڊرائيور آهي.“
هنن وٽ ”سوئر“ مان مراد ڪنو نه پر سٺو ماهر ورتي وڃي ٿي. يا چئبو آهي ”فلاڻو ڳالهائڻ جو ڪتو آهي“ يا جنهن مان بيزار ٿبو آهي تنهن لاءِ چئبو آهي؛ ”فلاڻو ته حضرت آهي“ يا ”فلاڻو ته بادشاهه آهي.“ وغيره.
مثال (۳) جرمني جو هٽلر پنهنجي ڪردار جي ڪري ڏاڍ ۽ جبر، ظلم ۽ استبداد جي اهڃاڻ طور سڄي دنيا ۾ سڃاتو ۽ ياد ڪيو ويندو آهي. سنڌي سماج ۾ هاڻي جيڪڏهن ڪنهن جو منظورِ نظر (سواءِ ڪهن جنس جي تفريق جي) قدرتي فياضي جي ڪري جسماني طور سونهن ۽ خوبصورتي سان ٽُٻ آهي ته ان لاءِ محاوري يا پهاڪي طور چوندا: ”فلاڻي جو محبوب ته سائين ”هٽلر“ آهي. يا چوندا؛ فلاڻو ته ”ليڊر“ جوان آهي.
مثال (۴) جيڪب آبادي، هر سٺي/ چڱي شيءِ لاءِ چوندا آهن؛ ”فلاڻي شيءِ ڏاڍي وي آءِ پي آهي“.
اڄ جي نئين اصطلاح ”گلوبل وليج“ جي پس منظر ۾ انساني سماج جي موجوده صورتحال، ان جي جمالياتي قدرن ۽ مختلف طبقن جي وچ ۾ پيدا ٿيل ناتن ۽ رشتن هوندي به پهاڪن پنهنجي پاڻ مان روايتي ڏاهپ (Conventional Wisdom) وارو سرور ۽ حِظُ، لطف ۽ مزو ڪونه وڃايو آهي. ڇاڪاڻ ته پهاڪن جون جڙون، ڌرتي ۽ سماج جي پاتال ۾ پختيون هوندو آهن. حيرت ۽ اچرج جهڙي ڳالهه هي آهي ته ههڙن اَملهه خزانن (پهاڪن ۽ چوڻين) جا موجد (ٺاهيندڙ ۽ جوڙيندڙ) گمنامي جي دنيا ۾ هليا ويا!! سنڌي ٻولي ۾ سونهن ڀري اضافي ڪرڻ وارا اُهي مهندار اڄ اسان ۾ موجود ناهن پر سندن سونهري ۽ زرين اقوال، پهاڪن جي روپ ۾ نشاني طور اسان وٽ موجود آهن. اهڙن سدا حيات پهاڪن جي سهيڙپ به اوتري ئي اهميت جوڳي ٿئي ٿي. انجنيئر عبدالوهاب سهتي پنهنجو قيمتي وقت سيڙائي، هتان هتان چونڊ ڪري، پهاڪن جي روپ ۾ اسان کي ههڙو املهه ڪتاب ڏئي، اسان جي وڏي محقق ۽ اديب، دانشور ۽ فلاسافر پير حسام الدين راشدي ۽ سنڌي ٻولي جي اديبا ۽ شاعره ريٽا شهاڻي جي چوڻ کي ”پاڻي ڏنو“ آهي.
هڪ دفعي پير حسام الدين راشدي ڪنهن ڪتاب جي مهورت واري تقريب دوران پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته ”پنهنجي اردگرد جيڪي ڪجهه ڏسو، پسو * ٻڌو ٿا سي سڀ لکي ڇڏيو ۽ بهتر آهي ته ڇپائي ڇڏيو. اوهان جون لکڻيون ملڪ جي ٻولي، ادب، ثقافت ، تهذيب، ۽ تواريخ جو اهم جُز آهن. سي لکبيون رهڻ گهرجن، جي ائين نه ڪيو ته اوهان جي تواريخ گم ٿي ويندي“.
سنڌ جي هڪ وڏي اديب سرڳواسي پروفيسر منگهارام ملڪاڻي جي سڳي ڀائٽي ۽ حيدرآباد سنڌ جي رهواسڻ (هاڻي پونا انڊيا) مشهور اديبا ۽ شاعرا ريٽا شهاڻي پنهنجي آتم ڪٿا ”ٻپهري جا به پل“ ۾ چند لفظ واري عنوان ۾ لکي ٿئي:
”ڪٿي ڪٿي سنڌي جيون، ريتن رسمن، رهڻي ڪهڻي ڏانهن اشارو هلندي هلندي سهج ،سڀاويڪ ۽ ڀاوَ سان اچي ٿو وڃي (پهاڪا به ته اسان جي سنڌي جيون، ريتن رسمن ۽ رهڻي ڪهڻي جا نمائندا آهن – راقم) هن وقت انهن ڳالهين لکڻ جي اهميت ان ڪري وڌيڪ آهي جو اسان پنهنجي اڳين پيڙهي جي باري ۾ جيڪڏهن هاڻي ڪجهه رڪارڊ نه ڪندا سون ته اهي سڀ ڳالهيون آخر ۾ اوجهل ٿي وينديون ۽ اسان جي سنڌي تهذيب جا اهڃاڻ اتهاس جي ورقن ۾ ڳولهئي به نه لڀندا “.
ائين اسان جي محقق انجنيئر عبدالوھاب سهتي به اُترادي پهاڪا هن ڪتاب ۾ رڪارڊ ڪيا آهن. سهتي صاحب پنهنجو ادبي سفر ته تخليق کان شروع ڪيو هو پر هن جي اندر واري شخصيت ۾ ڪو تحقيق جو پکي به موجود هو جنهن پنهنجا پر هڻن شروع ڪيا. سهتو صاحب پهاڪن، پوڻين ۽ ورجيسن جي حوالي سان لوڪ ادب جي ميدان جو اڪيلو شهسوار نه سهي پر هن تحقيقي ميدان ۾ ٻين کان مختلف ۽ منفرد ضرور آھي، جنھن جو ثبوت سندس تحقيقي ڪتاب آهن، جيڪي حوالي سان سند طور پيش ڪري سگهجن ٿا ۽ هن ميدان ۾ سندس محنت، جاکوڙ ۽ لگن کي واکاڻي سگهجي ٿو. شڪر آهي جو انجنيئر عبدالوهاب سهتي اهو ڪونه لکيو ته ”اُترادي ٻولي جا پهاڪا“ بلڪ هو سڄي سنڌ ۾ ۽ سنڌ کان ٻاهر ڳالهائيندڙ سنڌين جي ٻولي کي فقط ۽ فقط سنڌي ٻولي سمجهي ٿو. ان ڪري ته پنهنجي تحقيق ڪيل محنت جو نالو ڏنو اٿس ”اُترادي پهاڪا“ يعني سنڌ جي اُترئين ڀاڱي ۾ ڳالهه ٻولهه اندر ۽ سماج ۾ استعمال ٿيندڙ مشهور پهاڪا.
آ انجنيئر عبدالوهاب سهتي لاءِ اهي روايتي، گسيل ۽ پيٺل، چٻاڙيل ۽ چُوسيل جملا هتي ڪونه ورجائيندم. ڪن اديبن وانگر مون کي ”نثري قصيدن“ لکڻ جو ڏانءُ ”بنه“ ڪونه اچي ۽ آ پڙهندڙن کي اهڙي دوکي ۾ رکڻ بجاءِ اهو سڀ ڪجهه سندن پنهنجي قائم ڪيل اڻ ڌري راءِ تي ڇڏيان ٿو ته هو پاڻ هيءُ ڪتاب پڙهي پاڻ اظهار ڪن. پڙهندڙن کان وڌيڪ پارکو ٻيو ڪير به ناهي.
پروفيسر نذير احمد سومرو
ذوالفقار راشدي اڪيڊمي،
نئون ديرو ضلعو لاڙڪاڻو
۴ فيبروري

تبصرے بند ہیں.