Critical Analysis of Warjeesee Boli سنڌي ورجيسي ٻوليءَ جو تنقيدي جائزو

آرٽيڪل ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ ھتي ڪلڪ ڪريو

This article authored by Engr. Abdul Wahab Sahito and was published in Monthly Keenjhar. It comprises on the Critical Study/ Analysis of Dr. Shamsuddin Ursani’s book Sindhi Warjeesee Boli.

روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو جو تازو ڇپيل 118 نمبر ڪتاب، سنڌي ورجيسي ٻولي، پروفيسر ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب جو، انھن پھاڪن ۽ محاورن تي مشتمل ڪتاب آهي، جيڪي اردو ۽ انگريزي ٻولين منجھان، لاڙي لھجي تي اثر پوڻ سبب، سنڌيءَ ۾ شامل ٿي ويا آهن.
مذڪوره ڪتاب جي پيش لفظ ۾، ورجيس جي معنى؛ محاورو يا اصطلاح ۽ ورجيسي ٻوليءَ جي معنى: محاوراتي ٻولي ٻڌائي وئي آهي. لغت جي روءِ کان ورجيس لفظ جي معنى لباس پھريل ٻولي، ٺاهه ٺوهه واري ٻولي يا وري سينگاريل ٻولي آھي. ( )
مٿئين بيان مان، چڱيءَ طرح سمجهه ۾ آيو؛ ورجيس، اصطلاح يا محاوري کي چئبو آهي ۽ نه ڪنھن ٽين شيءِ کي.
صاحبِ ڪتاب اڃا اڳتي لکي ٿو؛ “ورجيسي ٻوليءَ جا ڪيترائي نمونا ٿين ٿا. مثلاً؛ پھاڪا، محاورا، اصطلاح ۽ ٻيون ڪي جڙاوتون، ان سان شامل آهن. پر هي ڪتاب فقط پھاڪن تي مشتمل رکيو ويو آهي.” ( )
مٿئين بيان مطابق؛ پھاڪا، محاورا ۽ اصطلاح شامل ڪري، ڪتاب جوڙيو ويو آهي. اهو بيان پڻ اڻ چٽو آهي. يا ته پھاڪا، اصطلاح، محاورا ۽ ورجيس ساڳي ڳالهه آهن يا مڙني ۾ ڪو فرق ضرور آهي. اها ڳالهه اڇي ٿيڻ گهرجي. ڇو جو معاملو ڪجهه منجهيل ٿو لڳي.
ڊاڪٽر مرليڌر جو چئني بابت هيٺيون رايو آهي.
1- پھاڪو:
“اهو مروج استعمال، جيڪو ٻن يا ٻن کان وڌيڪ لفظن مان ٺھيل جملو يا جملن جو اهڙو ايڪو آهي، جنھن ۾ وهنواري زندگيءَ جي آزمودن مان حاصل ڪيل ڄاڻُ ڀريو پيو آهي، ۽ جيڪو گهڻو ڪري اکري معنى بدران ٻوليءَ جي رواج موجب ٻيءَ معنى ۾ استعمال ٿيندو آهي، تنھن کي پھاڪو چئبو آهي. اکري معنى ۾ ڪتب ايندڙ پھاڪي کي سنڌيءَ ۾ ‘چوڻي’ به سڏيو ويندو آهي.” ( )
2- چوڻي:
“اهو مروج استعمال، جيڪو بيان ۾ الڳ استعمال ٿيندڙ هڪ پورو جملو يا ايڪو هوندو آهي ۽ پنھنجي اکري معنى ۾ ئي ڪتب ايندو آهي، انھيءَ کي چوڻي سڏبو آهي.” ( )
3- محاورو يا اصطلاح:
“اهو مروج استعمال جيڪو بيان ۾ ڪنھن جملي جو جزو ٿي ڪتب ايندو آهي ۽ اکري معنى بدران، ٻوليءَ جي رواج مطابق ٻي معنى ڏيندو آهي، انھيءَ کي ‘محاورو يا اصطلاح’ چئبو آهي.” ( )
4- ورجيس:
“اهو مروج استعمال جيڪو بيان ۾ ڪنھن جملي جو جزو ٿي ڪتب ايندو آهي ۽ ان جي اکري معنى ئي گهربل هوندي آهي، تنھن کي ‘ورجيس’ چئبو آهي”. ( )
“محاوري وانگر ورجيس پڻ اهڙو ايڪو آهي، جيڪو جملي جو جزو ٿي ڪتب ايندو آهي. ٻنھي ۾ فرق اهو آهي ته محاورو اکري معنى بدران ٻي معنى ڏيندو آهي، پر ورجيس پنھنجي اکري معنى ۾ ئي استعمال ٿيندي آهي.” ( )
5- محاوري ۽ اصطلاح ۾ فرق:
“اهو هاڻي مڃجي چڪو آهي، ته دنيا جي هر ٻوليLanguage) ) اُچارن جي فرق، جملن جي صرفي ۽ نحوي اختلافن سبب ڪيترن ئي محاورن (dialect) ۾ ورهايل هوندي آهي.” ( )
لسانيات جي هڪڙن ماهرن جي نظر ۾ محاورو، لھجي (dialect) کي ۽ ٻين جي نظر ۾ اصطلاحن کي ڪوٺيو ويو آهي. جڏهن بنيادي لفظن (Terms) جو تصور (Concept) واضح (Clear) نه هوندو ته پوءِ ٻوليءَ جو زنده رهڻ به مشڪل ٿي ويندو. ڇو جو ان جي محاورن (Terms) کي سمجهڻ وارا گهٽ يعني اٽي ۾ لوڻ برابر هوندا آهن.
بھرحال محاوري ۽ اصطلاح ۾ اهو فرق آهي، جيڪو انگريزي لفظ Term ۽ Idiom ۾ آهي.
جيئن ته مٿين بيانن ۾ “ورجيس” جي چڱي چٽائي نه ٿي سگهي آهي. في الحال مفروضي جي طور تي اسان کيس به هڪ شيءِ تصور ڪيون ٿا، جنھن جو ڪونه ڪو ڪارج آهي. جيڪا جڏهن جملي ۾ استعمال ٿيندي آهي، تڏهن سندس برڪت سان جملو، ورجيسي ٿي پوندو آهي. ائين قبول ڪرڻ سان، اسان لڳ ڀڳ ڪتاب جي مصنف جي راءِ سان متفق ٿي ويا آهيون. يعني ڪتاب ۾ سنڌي ورجيسون استعمال ٿيڻ جي ڪري، ڪتاب کي ‘سنڌي ورجيسي ٻولي’ سڏيو ويو آهي.
مٿين ڳالهه مڃڻ کانپوءِ، يڪدم هڪ ٻي ڳالهه ڪَرُ ٿي کڻي. اُها اِها ته ڪتاب جي آخر ۾ 68 اردو پھاڪا/ ضرب الامثال ۽ (22+488) يا 510 انگريزي پھاڪا (Proverbs) ڏنا ويا آهن. جن کي ڪم ازم ڪم سنڌي نه ٿو چئي سگهجي. جڏهن هڪ شيءِ کي سنڌي ئي نه سڏجي ته پوءِ ان جو نالو ‘سنڌي ورجيسي ٻولي’ ڪيئن ٿيو؟! سمجهه ۾ آيو ته ڪتاب ۾ ڏنل 1800 پھاڪن مان ٽيون حصو، سنڌي نه هئڻ ڪري، ڪتاب جو حصو ئي نه هئڻ کپي ها. انھن کي زبردستيءَ ڪتاب ۾ دٻي ڦسي، ڪتاب کي ضخيم بنائڻ جي اجائي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
ان کان علاوه باب 38 ۾ 103 محاورا ڏنا ويا آهن. جڏهن ته انھن محاورن منجهه ٻه پھاڪا به شامل ڪيا ويا آهن. 1. ڏنو، ٻنو آهي (38/50) ۽ 2. لوڪ، منھن موڪ (38/87) ساڳيو جملو پھاڪن ۾ به شامل ڪيو ويو آهي. (2/30). هڪڙي وضاحت ڪرڻ ضروري آهي ته باب 38 ۾ ڏنل ٽڪرا محاورا نه پر ورجيس آهن. (وضاحت هيٺ ڏني وئي آهي). جڏهن ته مصنف، ساڳين ٽڪرن کي، مقدمي ۾ ننڍڙا پھاڪا سڏيو آهي.

ورجيسي جي ڇنڊڇاڻ:
سنڌيءَ ۾ ورجيس تي ڪو الڳ ڪتاب، هيل تائين نه لکيو ويو آهي. اردوءَ ۾ ‘خزانهءِ تلميحات’ جي نالي سان هڪڙو ڪتاب ڇپيل آهي. جيڪو محمود نيازيءَ لکيو آهي، ملڪ بڪ ڊپو لاهور وارن ڇپايو آهي. تلميح کي سنڌيءَ ۾ ورجيس چئبو آهي. سنڌيءَ ۾ نجي ڪتاب نه هئڻ ڪري، اهو منجهيل سُٽ سلجهي نه سگهيو آهي. الائي ڇو؟ لسانيات جي هر ماهر ورجيس جو نالو ته ورتو آهي، پر وضاحت نه ڪري سگهيو آهي.
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، سنڌي پھاڪا ۽ محاورا (سنتداس پنھومل ڪشناڻي) جي مھاڳ ۾ به ورجيس کي ايترو واضح نه ڪيو آهي. نه ئي وري انھيءَ ڪوش (Dictionary) ۾، ڪنھن خاص شيءِ کي ورجيس ڪوٺيو ويو آهي. سڄي ڪتاب ۾ پھاڪا، چوڻيون، اصطلاح ۽ ورجيسون گڏي، گرمڪي الفابيٽ ترتيب تحت رکيون ويون آهن ۽ بس.
ڊاڪٽر مرليڌر، ورجيس لاءِ هيٺيان مثال ڏنا آهن. جيڪي چئن نمونن تي مشتمل آهن.
1- ٻٽا لفظ :
ڏٽو مٽو، ڀاڙو ڀتو، تيوڻ تلھو، ڇوڪر ٻاڪر، جوڙجڪ، اٿ ويھه، لھه چڙهه، اچ وڃ، پنج ڇھه، ٻه ٽي، شربت ٻربت، پاڻي ٻاڻي.
2- ڀيٽ ڏيکاريندڙ لفظي ميڙ (Phrases) :
جيڪي ٻوليءَ ۾ مشھور ٿي چڪا آهن.
اڇو جھڙو کير، ٿڌو جھڙو برف، مٺو جھڙو ماکي، ڪارو جھڙو ڪوئلو، شينھن وانگر بھادر، جبل جيان اڏول، ائين ڀڳو جيئن کاري هيٺان ڪانءُ، چاڪيءَ جي ڏاند وانگر ڦرندو رهڻ، ڍڳي وانگر وهڻ.
3- جانورن، پکين جا آواز ڄاڻائيندڙ لفظ :
گڏهه جي هينگ، گهوڙي جي هڻڪار، تتر جي تنوار، ٻليءَ جي ميائون ميائون، ڪڪڙ جي ڪڪڙوڪو يا ٻانگ، ڪتي جي ڀونڪ، ڪانءَ جي ڪان ڪان.
4- اڳياڙين ۽ پڇاڙين وسيلي جڙيل مرتب لفظ :
هر روز يا روز روز (‘هر ڏينھن’ مروج نه ليکبو)
غير ضروري (‘بي ضروري’ صحيح ناهي)
غير واجب (‘بي واجب’ يا ‘ناواجب’ ٺيڪ نه آهي)
ناجائز (‘غير جائز’ يا ‘اڻ جائز’ چوڻ درست نه آهي)
سنجيدگي (‘سنجيدائي’ چوڻ ٺيڪ نه آهي)
تازگي (‘تازائي’ يا ‘تازاڻ’ چوڻ درست نه آهي)
اوسر يا اوڀر (ان بدران ‘اوسراڻ’ يا ‘اوڀراڻ’ چوڻ صحيح روپ نه آهي) ( )
“روزمره يا بول چال (ورجيس) جي پابندي رکڻ سان ٻولي صحيح ۽ سڀاويڪ بڻجي ٿي. سنڌيءَ ۾ ڇوڪر ٻاڪر بدران ‘ٻاڪر ڇوڪر’ چوڻ، ‘اچ- وڃ’ بدران ‘وڃ-اچ’ چوڻ غلط آهن. ساڳيءَ طرح، ‘گهوڙي جي هڻڪار’ بدران ‘گهوڙي جي هينگ، رنڀ يا آواز’ چوڻ به غلط آهي. هاڻي ثابت ٿيو ته روزمره يا بول چال يعني ورجيس ٻوليءَ جي بيھڪ جو هڪ لازمي جزو آهي.” ( )
پھاڪن ۽ محاورن جو فرق سمجهائيندي ڊاڪٽر جيٽلي لکي ٿو؛
1- ساهيڙين جي واتان اها ڳالهه ٻڌي، ڪمل پاڻي پاڻي ٿي وئي.
2- سوڍو اٿئي ٻگهلو ڀڳت، کانئس خبردار رهجانءِ.
انھن مثالن ۾ ‘پاڻي پاڻي ٿي وئي’ ۽ ‘اٿيئي ٻگهلو ڀڳت’ اهي محاورا آهن، جيڪي جملي جو هڪ حصو آهن.
پھاڪي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه لفظ هوندا آهن. جيئن ته؛ قرض، مرض. پر محاورو هڪ لفظ وارو به ٿي سگهي ٿو. جيئن ڪنھن ڇوڪر کي چئجي؛ ‘گڏه! هيڏانھن ته ڌيان ڏي!’ هن جملي ۾ گڏهه (بيوقوف) لفظ محاورو آهي، جيڪو اکري معنى بدران ٻيءَ معنى ۾ ڪتب آيو آهي.” ( )
“ ‘وات ۾ مڱ پوڻ’ ۽ ‘ٻانھون ڊگهيون هئڻ’ محاورا آهن، جيڪي جملي ۾ ڪتب اچڻ کان اڳ پنھنجي اصلوڪي روپ ۾ مصدر ۾ ختم ٿين ٿا.” ( )
مٿئين بحٿ مان هڪ ٻي ڳالهه به واضح ٿي پئي ته اصطلاح، جملي ۾ ڪتب اچڻ کان اڳ، پنھنجي اصلوڪي روپ ۾ “مصدر” ۾ ختم ٿئي ٿو. هاڻي سوال ٿو پئدا ٿئي ته، جيڪي محاورا بنا مصدر جي بيٺا آهن، تن کي ڇا چئجي؟
مثال طور؛ گڏهه! ٻگهلو ڀڳت، پٺاڻڪو قرض، پاپ جو گهڙو، ٽڪو ۽ دعا، ٺاٺارڪي ٻلي، ڀاڙ جو ترو، گهوڙي ڪن برابر، ڀت ۾ ڪٻر، ڀڃ ته چٽيان، تيس مار خان، ڦَني خان، لاٽ صاحب، حاتم طائي، وتائي وارا اڳ، ٿوم مان زعفران، انڊ جو بنڊ، گڏهه گاجري مان شاهه تورو وغيره.
اهڙا کوڙ محاورا، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب پاڻ، باب 38 ۾ ‘محاورا’ جي عنوان هيٺ ڏنا آهن. جن جي پويان مصدر لڳل نه آهي. مثال طور؛ اڻ گهڙيو ڪاٺ، اڪ جي ماکي، انڌي جي لٺ، اڳڙين جو گڏو، الٽي گنگا، باغ جي موري، تريءَ تي بھشت، پئسا ئي پاڻيءَ ۾، پيٽ ۾ ڪوئا وغيره. ( )
مٿين وٿن کي ڊاڪٽر شمس الدين، ‘ننڍا پھاڪا’ به سڏيو آهي. بھرحال پھاڪا، ننڍا يا وڏا تڏهن چئبا، جڏهن پھاڪي هئڻ جي ڪسوٽيءَ تي پورا ايندا. پھاڪي جي ڪسوٽي؛ مڪمل جملو هئڻ آهي. جڏهن ته مٿيان محاورا، مڪمل جملا نه آهن. مصدر سان ختم ٿيڻ ڪري اصطلاح به نه آهن ته پوءِ ڇا آهن؟ دراصل اهي ئي ورجيسون آهن، جن کي اردوءَ ۾ تلميحات سڏجي ٿو.
ورجيس؛ اصطلاح ۽ پھاڪي جي بنيادي اثاث آهي. اصطلاح ۽ پھاڪي کي ٻي معنى وارو جملو بنائڻ ۾، ورجيس جو ڪمال آهي. جنھن جملي يا فقري ۾ ورجيس ناهي، اهو چوڻي ٿي سگهي ٿو، پر اصطلاح يا پھاڪو قطع طور تي نه ٿو ٿي سگهي.
ان جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا.
ورجيس اصطلاح /ورجيسي فقرو پھاڪو/ ورجيسي جملو
اکين کان انڌي اکين کان انڌي هئڻ اکين کان انڌي، نالو نور-پري
خانن جي خاني خاني خانن جي آهي خانن جي خاني، مانيءَ مان معلوم
شير شاهه جو شڪرو شير شاه جو شڪرو هئڻ شير شاهه جو شڪرو، گهر جا ڪڪڙ ماري.
گهر جا ڪڪڙ گهر جا ڪڪڙ مارڻ شير شاهه جو شڪرو، گهر جا ڪڪڙ ماري.
ڌوٻڪو ڪتو ڌوٻڪو ڪتو هئڻ ڌوٻڪو ڪتو، نه گهر جو نه گهاٽ جو
نه گهر جو نه گهاٽ جو نه گهر جو هئڻ نه گهاٽ جو هئڻ ڌوٻڪو ڪتو، نه گهر جو نه گهاٽ جو
هاٿيءَ جا ڏند هاٿيءَ وارا ڏند ڏيکارڻ هاٿيءَ جا ڏند ڏيکارڻ لاءِ هڪڙا، کائڻ لاءِ ٻيا.
وتائي وارا اڳ وتائي وارا اڳ وٺڻ اڄ ته وتائي وارا اڳ پيو وٺين (جملو)
ڊينگهرن تي اٽو ڊينگهرن تي اٽو هارڻ ڊينگهرن تي اٽو هارڻ مان، هڙ نه حاصل
ٺاٺارڪي ٻلي ٺاٺارڪي ٻلي هئڻ ٺاٺارڪي ٻلي، ٺاٺاري جي ٺڪاون تي هريل آهي
ٽڪو ۽ دعا ٽڪو ۽ دعا چوڻ اسان جي اوهان کان ٽڪو ۽ دعا (جملو)
کنا کيڙا (ٻن ذاتين جا نالا) کنا کيڙا ڪرڻ/ ٿيڻ پاڻ ۾ کنا کيڙا ڪيا اٿائون (جملو)
انود ڪاسائيءَ جي کڏ انود ڪاسائيءَ جي کڏ هئڻ هتي انود ڪاسائيءَ واري کڏ لڳي پئي آهي (جملو)
الله ميان جي گانءِ الله ميان جي گانءِ هئڻ فلاڻو ته اٿئي، الله ميان جي گانءِ. (جملو)

مٿئين بحث مان سمجهه ۾ آيو ته؛ اهڙا جملا يا فقرا جن ۾ ورجيس استعمال ٿيل هجي، تن کي پھاڪو/ ورجيسي جملو يا اصطلاح/ ورجيسي فقرو چئبو آهي.
مٿئين مختصر تمھيدي اڀياس کانپوءِ، اسان هاڻي سموري ڪتاب جو تنقيدي جائزو وٺون ٿا.
سڄي ڪتاب کي مختلف ورجيسي عنوانن تحت، بنا الفابيٽ ترتيب جي رکيو ويو آهي. وڏي ڳالهه ته هڪ ئي عنوان هيٺ ڏنل پھاڪن جي به الفابيٽ ترتيب نه رکي وئي آهي. جنھنڪري ڪيترن ئي پھاڪن جو ساڳئي باب/ عنوان ۾ ئي ورجاءُ ٿيل آهي.
هيٺ چند مثال پيش ڪجن ٿا. پھاڪي جي آخر ۾ عنوان جو نمبر ۽ پھاڪي جو نمبر ڏنا ويا آهن.

ساڳئي باب ۾ ورجايل پھاڪا:
1. ماڻھو ماڻھوءَ جو کاڄ آهي. 2/1 ۽ 2/35
2. پاڻ مرندي ڪھڙا سيڻ؟ 3/65 ۽ 3/74
3. پيءُ نه ماري پدڙي، پٽ جنگي جوان/ تير انداز 3/72 ۽ 3/76
4. پيٽ ڍائو، اکيون بکيون 4/88 ۽ 4/123
5. ڍڳو نه ڍور، آنڱوٺو پٽيندو چور 9/8 ۽ 9/35
6. ڀاڳيا ٻڌا وڃن چور ڇٽا وڃن 9/25 ستون قلم گهر کي لاڳو، چور ڀڄي ويا ڀاڳيا قابو. 9/37
7. ايڏي مار ملندئي، جيڏي اٺ پتڻ تي کائي 21/4 ۽ 12/45
8. ڳالھين سنديون ڳالھيون، ٽڪن/ ٽڪي سندا موٺ 34/4 ۽ 34/39.
ورجيسي سٽاءُ به ڪنھن منظم ترتيب سان نه رکيو ويو آهي. جنھنڪري ڪيترا پھاڪا، مختلف بابن ۾ ورجايا (Repeat) ويا آهن. چند مثال نموني جي طور تي ڏجن ٿا.
مختلف بابن ۾ ورجايل پھاڪا :
1. عمر نيئي نيئي مارئي نيندو، ٿر ته ڪونه ٿيلھيندو ؟ 1/3 ۽ 40/64
2. جھڙي آڪھه علوءَ جي، تھڙو پيٽ پنجوءَ جو 1/25 ۽ 40/59
3. لوڪ، آهي ٻوڪ 2/30 لوڪ، منھن موڪ 38/87.
4. پئسي سان جا نه ماسي، سا به ماسي 3/18 ۽ 13/88.
5. پرايو پُٽ، ٽڪو ڏئي کارجي 3/47 ۽ 34/18.
6. ڀائپي برادريءَ ۾ گهوڙي-ڪن برابر هوندا آهن 3/63 ۽ 22/7.
7. انھيءَ تريءَ، تيل نه پوندو/ لڳندو 4/20 ۽ 28/18.
8. ميھار مينھن مان نڪتو ته وڇن ڪھڙي پارت 5/14 ۽ 20/26.
9. جتي پئي تتي وهاڻي 13/23 . جتي ويٺي، تتي وهامي 14/24
10. نه هيڊ لڳي نه ڦٽڪي، رنگ به چوکو 14/41 ۽ 30/18.
11. ارٽ ۾ چموٽي، پيريءَ تائين نه موٽي 14/50، 40/2 ۽ 42/428.
12. سچ جي ٻيڙي، لڏي لڏي پر ڪڏهن نه ٻڏي 19/2 ۽ 32/16.
13. ڪوڙ جو مثلو ڪوڙ 19-11 ۽ 37/28.
14. وَرُ، پنھنجي ڦر کان سڃاڻبو آهي 20/21 ۽ 42/11.
15. ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي 25/11 ۽ 27/41.
16. ڪلر کي ڪھڙي پُستي لڳندي 29/14 ۽ 30/19.
17. پاءُ اٽو سڀڪو کائي ٿو 30/12 ۽ 34/32.
18. لٺ لڳي پاڻي جدا نه ٿئي 32/1. لٺين لڳي پاڻي جدا ڪونه ٿيندو آهي. 14/66.
19. ٻڏڻ ويو وسري، ترڻ آيو ياد 32/21 ٻڏڻ ويو وسري، لڏڻ آيو ياد 36/46.
20. ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾ 34/29 ۽ 36/54.
21. سچ/ صبر جني جو سير، تير نه گسي تن جو 19/1 ۽ 35/8.
22. ٽڪي جي رن، ٻه ٽڪا گھلاڻي 12/1 ۽ 40/13.
23. جيري ڪارڻ، ٻڪري ڪھڻ 1/25 ۽ 40/58.
24. سڀئي اعلى نور، مٿي جو سور 16/35 ۽ 40/60.
ڪيترين ورجيسن ۽ اصطلاحن کي به پھاڪو ڪوٺي، شامل ڪيو ويو آهي. انھن جا چند مثال هيٺ ڏجن ٿا:
اصطلاح يا ورجيس وارا فقرا :
1. گره گره تي واهگرو 1/36 – گره گره تي واهگرو چوائڻ.
2. ڏاڏو آدم ئي ڪو نرالو آهي 1/40- ڏاڏو آدم ئي نرالو هئڻ.
3. مڙس ته ڪو دودو آهي 1/50 – مڙس دودوهئڻ.
4. آيا رام، گيا رام 1/63 – آيا رام، گيا رام ٿي وڃڻ.
5. جهٽ مڱڻو، پٽ پرڻو 3/36 – جهٽ مڱڻو، پٽ پرڻو ٿيڻ.
6. هڪڙو پير ريل ۾، ٻيو پير جيل ۾ 4/4 – هڪڙو پير ريل ۾، ٻيو جيل ۾ هئڻ.
7. اهو ئي هٿ کير ۾ اهو ئي هٿ نير ۾ 4/17 – اهو ئي هٿ کير ۾ هئڻ ۽ اهو ئي هٿ نير ۾ هئڻ.
8. انھيءَ تريءَ تيل نه پوندو4/20 – تريءَ تيل نه لائڻ ڏيڻ.
9. آڱر رت ۾ ٻوڙي شھيد ٿو سڏائي. 4/26 آڱر ڪٽائي شھيدن ۾ شامل ٿيڻ.
10. ڪارو منھن، نيرا پير 4/91، ڪارو منھن، نيرا پير ٿيڻ.
11. رڳو منھن جو مٺو آهي 4/96- منھن جو مٺو هئڻ.
12. ڏاڙهي مڇ ۾، مڇ ڏاڙهي ۾ 4/104 ڏاڙهي مڇ ۾، مڇ ڏاڙهيءَ ۾ ڏيئي گذارو ڪرڻ.
13. ڏاڙهي پرائي هٿ ۾ آهي 4/107 – ڏاڙهي پرائي هٿ ۾ هئڻ.
14. پيٽ ۾ درياء اٿس 4/124 پيٽ ۾ علم جو درياءُ ھئڻ.
15. پيران لاهي منھن ۾ هڻڻ. 4/126 – پيران لاهي منھن ۾ هڻڻ.
16. نه انگ تي اڳڙي، نه منھن ۾ نور 4/129- نه انگ تي اڳڙي هئڻ ۽ نه ئي منھن ۾ نور هئڻ.
17. چورن مٿان مور 9/23- چورن مٿان مور هئڻ.
18. نه دشمن کي ڀؤ، نه سڄڻ کي آسرو 11/20- نه سڄڻ کي آسرو ھئڻ، نه دشمن کي ڀؤ ھئڻ.
19. اجهي اولو، ٽڪر ٽولو 13/14 – اجهي اولو هئڻ ۽ ٽُڪر ٽولو هئڻ.
20. گهڙيءَ ماسو، گهڙيءَ تولو 13/19- گهڙيءَ ۾ ماسو هئڻ ۽ گهڙيءَ ۾ تولو هئڻ.
21. جمعو جمعو اٺ ڏينھن 13/21- جمعو جمعو اٺ ڏينھن ٿيڻ.
22. وڃي پنھنجو ڀت گهاٽو ڪر 14/68- پنھنجو ڀت گهاٽو ڪرڻ.
23. دل ڌوئي دکيءَ ۾ رک 15/7- دل ڌوئي دکيءَ ۾ رکڻ.
24. بخت کي پيو اٽون هڻي 16/15- بخت کي اِٽون هڻڻ.
25. مئو سھسائجي، ڏنو نه سھسائجي 17/16- مئو سھائڻ، ڏنو نه سھائڻ.
26. نڪي مئن گڏ، نڪي جيئرن گڏ 17/18- نه ڪي جيئرن ۾ هئڻ، نڪي مئن ۾ هئڻ.
27. نه مـَرُ مـَرُ نه جيءَ جيءَ 17/9- نه مرڻ نه جيئڻ.
28. ڄاڻ ته ڪاري ڍڳي جا مالڪ پھتا 20/9- ڪاري ڍڳي جا مالڪ پھچڻ.
29. ساڳئي ڍڳي جا چور آهيون 20/10- ساڳئي ڍڳي جو چور هئڻ.
30. نه ڏهڻ جو نه ڪھڻ جو 20/20- نه ڏهڻ جو هئڻ، نه ڪھڻ جوهئڻ.
31. اٺ چڙهئي جُتي گهرڻ 21/24- اٺ چڙهئي جُتي گهرڻ.
32. وڻ گهوڙو ٻڌڻ نه ٿو ڏئي 22/34- وڻ گهوڙو نه ٻجھڻ.
33. گڏهه جو گڏهه 22/40- گڏهه جو گڏهه هجڻ.
34. ٻلي ڪوئي وارو ليکو آهي 23/46- ڪئي ٻليءَ وارو ليکو (هئڻ).
35. رڳو ميائون ڪري اچان ٿو 23/47- ميائو ڪري اچڻ.
36. جيري لاءِ ٻڪري ڪھڻ 25/3 ۽ 40/58- جيري لاءِ ٻڪري ڪھڻ
37. ڀولڙي جي پڇ ۾ باهه ڏئي تماشو ڏسڻ 27/2- ڀولڙي جي پڇ ۾ باهه ڏئي تماشو ڏسڻ.
38. نڪ تي مک به ويھڻ نه ڏي 27/38- نڪ تي مک ويھڻ نه ڏيڻ.
39. تر ڇٽجي ته پٽ نه پوي 28/6- تر ڇٽڻ جيتري جاءِ نه هئڻ.
40. انڊن جو بنڊن ۾ بنڊن جو انڊن ۾ 29/5- اُنڊن جو بُنڊن ۾ ڪرڻ ۽ بُنڊن جو اُنڊن ۾ ڪرڻ.
41. انڊ جو بنڊ 29/6- اُنڊ جو بُنڊ ڪرڻ.
42. ڪھڙي باغ جي موري آهين؟ 29-16- باغ جي موري 38/13- باغ جي موري هئڻ.
43. ڌوڙ پئي اٿس منھن ۾ 29/17- منھن ۾ ڌوڙ پوڻ.
44. لوڻ وجهي ٿو ڀت-ڀائي ٿئي 30/10 لوڻ وجهي، ڀت ڀائيوار ٿيڻ.
45. اٽي تي چٽي 35/15- اٽي تي چٽي هئڻ.
46. ڀريءَ ٻير هيٺ بک مرڻ 31/23- ڀريءَ ٻير هيٺ بک مرڻ.
47. نه ڪو ٻن ۾، نه ڪو ٽن ۾ 34/2- نه ٻن ۾ هئڻ، نه ٽن ۾ هئڻ.
48. پنج ئي آڱريون گيھه ۾ 34/3- پنج ئي آڱريون گيھه ۾ هئڻ.
49. ڇھه ڪاسي لاهي ٻارنھن ڪاسي وجهڻ 34/6- ڇھه ڪاسي لاهي ٻارنھن ڪاسي وجهڻ.
50. ٻه به ويون، ڇھه به ويون 34/15- ٻه به وڃڻ ته ڇھه به وڃڻ.
51. رڳو ٻاهريون ٻنو آهي 35/13- ٻاهريون ٻنو هلڻ/ هئڻ.
52. ڏٺيسين تنھنجي گهاٽي سرنھن 25/16- گهاٽي سرنھن ڏسي ڇڏڻ.
53. رت ڏسي رمي هڻجي 35/18- رت ڏسي رمي هڻڻ.
54. دٻي ۾ ٺڪريون 40/38- دٻي ۾ ٺڪريون هئڻ.
اصطلاحن کان علاوه کوڙ ساريون چوڻيون به شامل ڪيون ويون آهن. جن کي پھاڪو قطع طور تي نه ٿو چئي سگهجي. شامل ڪيل چوڻين جا چند مثال نموني جي طور هيٺ ڏجن ٿا.

شامل ڪيل چوڻيون:
1. ماڻھو ماڻھوءَ جو کاڄ آهي 2/1 ۽ 2/35.
2. ماڻھوءَ کرڻ جي به ڪا مند هوندي آهي ڇا؟ 2/2
3. ماڻھو ماڻھوءَ جي آچار 2/3.
4. ڪميڻي ماڻھوءَ سان هٿ پائي کائجي، وات پائي نه ڳالھائجي 2/4
5. ڪاٺيءَ جي پور ۽ ماڻھوءَ جي اندر جي ڪنھن کي خبر؟ 2/5
6. سون پرکجي ڪسوٽي، چاندي پرکجي باهه، ماڻھو تڏهن پرکجي، جڏهن پاڙو پاڙي سان لاءِ. 2/6.
7. کوهن ۽ ماڻھن جا وات ڪنھن بند ڪيا آهن؟ 2/7.
8. انسان ريجهائڻ، نانگ ريجهائڻ کان به ڏکيو آهي 2/8
9. انسان کي هٿ هٿ تي رکي ويھڻ نه گهرجي 2/9
10. انسان کي پنھنجي کل ۾ رهڻ گهرجي 2/10
11. انسان خطا جو گهر آهي 2/11
12. انسان نه ٿڌي سھي نه ڪوسي 2/12
13. مرد مري مان تي، گانڊو مري نان تي 2/16
14. عورت جو عقل ڏائي کڙي ۾ ٿيندو آهي 2/17
15. اڪيلو ماڻھو نه کلندو سونھي نه روئيندو سونھي 2/29
16. ٻنيون ۽ ونيون، مڙس نه ڇڏيندا آهن 2/23
17. ماڻھو ٻٽيھه لکڻو پر ڏنڊو ڇٽيھه لکڻو 2/32
18. ڀائپي برادريءَ ۾ گهوڙي-ڪن برابر هوندا آهن 3/63 ۽ 22/7
19. خوش رهي پر پنھنجي خرچ تي 3/67
20. ڀلي توکي ماءُ ڄڻيو 3/68
21. تنھنجون لتون اسان جون اکيون 4/50
22. تنھنجو وات گلاب 4/109
23. زبان ڪجي ته پارجي 4/119
24. ڄمندي ڄام ڪوبه ڪين ٿيندو آهي 6/12
25. علم وزير آهي، هنر بادشاهه آهي 6/1
26. پرپٺ بادشاهن کي به پيون گاريون ملن 6/20
27. اويلو مھمان، پٽائي پاڻ 11/2
28. نادان دوست کان، داناءُ دشمن ڀلو 11/9
29. دوست پرتل ڇڏجي ميڙو متل ڇڏجي 11/16
30. دوست ٿين هڪڙا زباني، ٻيا ناني ۽ ٽيان وري جاني 11/17
31. دنيا آهي مانجهاندي جو ماڳ 13/1
32. دنيا آهي چئن ڏينھن جو چٽڪو 13/2
33. جھڙو ديس، تھڙو ويس 13/4
34. پنھنجي گهر جھڙي به ڪا ٻي بادشاهي 13/6
35. بندو گندو آهي 15/3
36. جھڙي نيت، تھڙي مراد 15/16
37. الله سندا آسرا 16/6
38. زور ماري زور کي 18/1
39. زور ماري عقل کي 18/4 وغيره.
انھن کان علاوه ڪيترائي ٻيا فقرا به، پھاڪا نه ٿا چئي سگهجن. بھرحال بقايا جن کي پھاڪو کڻي چئون، تن سان ڪھڙي جٺ ٿيل آهي، سا هيٺ بيان ڪجي ٿي.
تنقيدي نقطئه نظر کان، اعتراض جوڳن پھاڪن کي، ٽن نمونن ۾ ورهائي، ترتيب ڏني وئي آهي ته جيئن پڙهندڙ کي سمجهڻ ۾ آساني ٿئي.
1- غلط متن وارا پھاڪا: جن جو متن غير مروج- استعمال روپ تي مشتمل آهي.
2- غلط معنى ۽ متن وارا پھاڪا: جن جي معنى غلط ڪئي وئي آهي يا متن ۽ معنى ٻئي غلط لکيا ويا آهن.
3- مبھم متن وارا پھاڪا: جن جو متن ئي سمجهه ۾ نه ٿو اچي.
هيٺ ترتيب وار ٽنھي جا چند مثال پيش ڪجن ٿا.

تبصرے بند ہیں.